نواز ليگ پيپلز پارٽيءَ کي پُٺيءَ ۾ ڇُرو هنيو ۽ پ پ وري فضل الرحمان کي ڇُرو هنيو: شبلي فراز

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته نواز ليگ پيپلز پارٽيءَ کي پُٺيءَ ۾ ڇُرو هنيو ۽ پ پ وري مولانا فضل الرحمان کي ڇُرو هنيو، پي ڊي ايم جي سياسي تَدفين ٿي وئي، هاڻي اُها ماضيءَ جو قصو بڻجي وئي آهي، س شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ۾ استحڪام اچي ويو آهي، هاڻي لانگ مارچ يا شارٽ مارچ سان ڪوبه اثر نه پوندو، اپوزيشن وارا ڀلي اسلام آباد اچن پر کين هڪ گُلدان به ٽوڙڻ نه ڏينداسين، پي ڊي ايم ملڪ ۽ عوام سان راند کيڏڻ تي معافي وٺي، حڪومت اهڙو ڪوبه قدم نه کنيو آهي، جنهن سان تاثر ملي ته سينيٽ چوندن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪيو، اپوزيشن بي اعتمادي رٿ آڻيندي ته اُن جو به مقابلو ڪنداسين، سينيٽ ۾ ڳجهيون ڪئميراز لڳائڻ جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ويندي، معاملي جي تهه تائين پهچنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔