ناليواري پاڪستاني ڊاڪٽرياڻي ۽ منتظم، ڊاڪٽر سيمي جمالي لاءِ وڏو اعزاز

ڪراچي: ڊسمبر 2019 کان چين ۾ آيل ڪورونا وبا کان هن وقت تائين 12 ڪروڙ جي ويجهو ماڻهو دنيا ۾ متاثر ٿي چڪا آهن ، 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو ان جو کاڄ بڻجي چڪا آهن .

ان وبا کي منهن ڏيڻ ،ان جي روڪڻ ۽ ماڻهن کي ان کان بچائڻ ۾ سڄي دنيا ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل  عملي نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي .جن پنهنجي حياتين جي پرواهه نه ڪندي خدمتون انجام ڏنيون آهن ، اهي بنا ڪنهن شڪ جي حقيقي هيروز آهن ،جن جي تعريف نه ڪرڻ ناانصافي جي حد ۾ اچي ٿو.

عالمي ميگزين اين پي آر سڄي دنيا مان اهڙي 9 شخصيتن جي چونڊ ڪري پنهنجي وڏي رپورٽ ۾ انهن کي نه رڳو ڀيٽا پيش ڪئي آهي پر انهن جي ڪردار کي بي حد ساراهيو آهي ، جن ڪورونا وبا دوران ماڻهن لاءِ اڻ ٿڪ محنت ۽ جدوجهد ڪئي .

انهن 9 شخصيتن ۾ پاڪستان جي ناليواري ڊاڪٽرياڻي سيمي جمالي کي به شامل ڪيو ويو آهي ، جيڪا جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر آهي ، اها نه رڳو ڪراچي پر پاڪستان جي سڀ کان وڏي اسپتال آهي .

ڊاڪٽر سيميي جمالي ڪورونا وبا جي شدت دوران نه رڳو ڪينسر جو شڪار هئي پر هن جو علاج به ٿي رهيو هو ، ان دوران هوءَ پنهنجي ذميواري به انتهائي ايمانداري سان نڀائيندي رهي .

هن لاءِ ان جو ڪم ئي ان جي پهرين ترجيح هو ، هوءَ ماڻهن جي خدمت تي يقين رکي ٿي . ان دوران سندس گهرڀاتين ۾ به ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي ، هي ان لاءِ نهايت ڳرو وقت هو ، ان باوجود هن پنهنجي فرضن کي اوليت ڏني ۽  پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ هيرو جو ڪردار ادا ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔