پاڪستان ۾ واضح طور تي ڪورونا جي نئين لهر اچي وئي آهي

اسلام آباد: وزيراعظم جي صحت بابت مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ واضح طور تي ڪورونا جي نئين لهر اچي وئي آهي.
فيصل سلطان جو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ اضافو آيو آهي ۽ گذريل ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح 6.5 تائين پهچي وئي آهي.
ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ واضح طور تي ڪورونا جي نئين لهر اچي چڪي آهي، خاص ڪري ملڪ جا وڏا شهر ان جي زد ۾ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔