نيب مريم نواز جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

لاهور: مريم نواز رياست مخالف پروپئگنڊا ڪري رهي آهي، ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد لڳاتار رياستي ادارن مٿان حملا پئي ڪري، نيب نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، درخواست ۾ نيب موقف اختيار ڪيو آهي ته مريم نواز چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ ضمانت حاصل ڪئي هئي، هوءَ ضمانت تي آزادي جو غلط استعمال ڪري رهي آهي ۽ جاچ ۾ سهڪار نٿي ڪري، مريم نواز اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي رياستي ادارن خلاف بيان ڏئي رهي آهي، هوءَ ڄاڻي واڻي رياستي ادارن جي ساک خراب ڪري پئي ۽ پنهنجي ٽڪساٽن سان اهو تاثر ڏيڻ ڪوشش ڪري رهي آهي ته ملڪ ۾ رياستي ادارا ناڪام ٿي ويا، نيب جي درخواست ۾ مريم نواز جي ضمانت رد ڪرڻ جي استدعا، عدالت نيب جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، 15 مارچ تي 2 رُڪني بئنچ ٻڌڻي ڪندي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔