پبلڪ فگر آهيون، پبلڪ پراپرٽي نه: مايا علي

ڪراچي: اداڪاره مايا علي اسٽارز تي تنقيد ڪندڙن کي چيو ته اسان پبلڪ فگر آهيون پبلڪ پراپرٽي ناهيون.
اداڪاره مايا علي انڊسٽري ۾ هڪ وراسٽائل اداڪاره طور سڃاتي وڃي ٿي، اداڪاره انسٽاگرام تي ڪافي سرگرم آهي، جنهن ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ مداحن جي تنقيد تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته مداح بغير سوچڻ سمجهڻ جي ڪمينٽس ڪرڻ شروع ڪندا آهن، اسان اسٽارز آهيون توهان اسان جي ڪم تي تنقيد يا تعريف ڪيو اسان انکي ڌيان سان ڏسنداسين پر ڪو به مداح اسان سان پرسنل نه ٿئي ڇو ته اوهين اسان کي سڃاڻو نٿا.
مايا علي وڌيڪ چيو ته آئون هميشه ماڻهن کي اهوئي چوندي آهيان ته ”اسان پبلڪ فگر“ آهيون، ”پبلڪ پراپرٽي ناهيون، توهان اسان جي خاندان يا ذاتي معاملن تي نظر رکڻ بجاءِ اسان جي ڪم تي نظر رکو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔