عاليا ڀٽ کي ڪورونا ۾ مبتلا رنبير ڪپور جي ياد ستائڻ لڳي

ممبئي: ڀارتي اداڪاره عاليا ڀٽ کي ڪورونا جو شڪار رنبير ڪپور جي ياد ستائڻ لڳي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ رنبير ڪپور جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت آئي هئي جنهن بعد رنبير پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته عاليا ڀٽ به پنهنجي ٽيسٽ ڪرائي هئي ۽ رزلٽ اچڻ تائين پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو هو پر هاڻ عاليا کي سندس بواءِ فرينڊ جي ياد اچڻ لڳي آهي.
اڄ صبح عاليا ڀٽ سماجي رابطي جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ رنبير ۽ عاليا هڪٻئي جو هٿ پڪڙيل آهي، عاليا تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو”ميجر مسنگ“ يعني عاليا کي هاڻ رنبير جي ياد شدت سان اچي رهي آهي پر جيستائين رنبير ٺيڪ نٿو ٿئي تيستائين هو نٿا ملي سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔