حشمت الله ڊبل سينچري ٺاهي افغان ٽيم لاءِ تاريخ رقم ڪري ڇڏي

ابوظهبي: ٻئين ٽيسٽ ۾ افغانستان زمباوي کي رنز جي ڍير هيٺان پوري ڇڏيو جڏهن ته حشمت الله شاهدي پنهنجي ملڪ لاءِ تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
حشمت الله شاهدي ڊبل سينچري هڻندڙ پهريون افعان بيٽسمين بڻجي ويو، ٽيم 4 وڪيٽ 545 رنز تي اننگز ڊڪليئرڊ ڪري ڇڏيون، افغانستان ٻئي ڏينهن بيٽنگ ريڪارڊ قائم ڪيو.
ان کان پهريان مجموعو 342 هو جو هن 2019 ۾ بنگلاديش خلاف ٺاهي پنهنجي پهرين ٽيسٽ فتح حاصل ڪئي هئي، ڪپتان اصغر افغان 164 جي بهترين اننگز کيڏڻ ۾ ڪامياب رهيو.
زمباوي ڏينهن ختم ٿيڻ تائين جوابي اننگز ۾ بغير ڪنهن نقصان جي 50 رنز ٺاهيون، ميسيوير 29 ۽ ڪيسوزا 14 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔