صحرا ۾ ٻن دلين جهڙي ”الفت ڍنڍ“ خلا مان به نظر اچي ٿي

دبئي: بلندي کان ڏسجي ته هي ٻه دليون ننڍڙيون نظر اچن ٿيون پر اصل ۾ هي انساني ڪوششن جو هڪ منصوبو آهي ۽ پنج لک مربع ميٽرن تي ٻڌل آهي، پنهنجي سڪون ۽ دلفريب مقام سبب هي محبت ڪندڙن لاءِ بهترين جاءِ آهي، ان ڪري ان جو نالو ”محبت جي ڍنڍ“ به رکيو ويو آهي، جهڙي ان جي صورت آهي ان حساب سان اها بلندي تان به نظرا چي ٿي.
هن کي شهري شور کان پري هڪ ريگستان ۾ انسان جي ٺاهيل نخلستان جي صورت ڏني وئي آهي، اهوئي سبب آهي جو اتي پاڻي ۽ اڏاوتي سامان تي وڏو خرچ ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ 16000 وڻ ۽ ڪيترن ئي قسمن جا اڻ ڳڻيا گل پوکيا ويا آهن، جنهن ۾ بيگونيا گل پوکي ان مان love جو لفظ به ٺاهيو ويو آهي.
ان جو افتتاح 2018 دوران ٿي چڪو آهي پر هتي وڌيڪ سهولتون به پيدا ڪيون ويون آهن، تازو دبئي جي شيخ حمدان محمد بن راشد المختوم ان جي هوائي تصوير به شيئر ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔