اسرائيلي وزيراعظم هڪ دفعو ٻيهر عرب امارات جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

تل ابيب: اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو متحده عرب امارات جو دورو هڪ دفعو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.اسرائيلي ميڊيا موجب وزيراعظم نيتن ياهو متحده عرب امارات جو دورو هڪ دفعو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو سبب سندس گهر واري جي طبيعت خراب ٻڌائي پئي وڃي. نيتن ياهو جي گهر واري ساره کي اپينڊڪس ۾ انفيڪشن سبب کيس اڄ صبح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته اردن طرفان اسرائيلي وزيراعظم جي جهاز کي عرب امارات وڃڻ جي لاءِ فضائي حدن جي استعمال جي اجازت اڃان تائين ناهي ڏني وئي جنهن سبب دورو ملتوي ڪيو ويو.واضح رهي ته اڄ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي متحده عرب امارات جي پهرين دوري تي ابو ظهبي وڃڻو هو پر ان کان اڳ به نيتن ياهو عرب امارات جو دورو ملتوي ڪري چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔