آمريڪا پاڪستان کي ترڪي کان ملندڙ گن شپ هيلي ڪاپٽرز جي فراهمي روڪرائي ڇڏي

انقره: آمريڪا پاڪستان کي ترڪي طرفان گن شپ هيليڪاپٽر جي فراهمي کي روڪرائي ڇڏيو آهي.بلوم برگ جي رپورٽ موجب ترڪ صدر طيب اردگان جي ترجمان ابراهيم ڪالن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو آهي ته آمريڪا پاران ترڪي طرفان پاڪستان کي 30 گن شپ هيليڪاپٽر جي فراهمي روڪرائي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ امڪان آهي ته پاڪستان اهي گن شپ هيليڪاپٽرز چين کان خريد ڪندو.گن شپ هيليڪاپٽر ٻن انجڻن تي ٻڌل آهن ۽ اهي ڪنهن به موسم ۾ حملي جي صلاحيت رکن ٿا. جنهن ۾ آمريڪي انجڻ لڳل آهن. پر آمريڪا ترڪ ڪمپني کي انجڻن جي فراهمي جي لاءِ لائسنس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ترڪ صدر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪا انجڻ جي فراهمي روڪي پنهنجي مفادن کي نقصان پهچائي رهيو آهي.واضح رهي ته آگسٽ 2018 ۾ ترڪي ۽ پاڪستان وچ ۾ 30 گن شپ هيليڪاپٽرز جي خريداري لاءِ 15 بلين ڊالرز جو معاهدو ٿيو هو پر آمريڪا طرفان ترڪ ڪمپين کي لائسنس جي فراهمي روڪي وڃڻ تي اهو معاملو التوا جو شڪار ٿي ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔