اوڻيتاليهه سيڪڙو پاڪستاني ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ نٿا چاهين: سروي رپورٽ

اسلام آباد: 61 سيڪڙو پاڪستاني ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جو ارادو رکن ٿا جڏهن ته 39 سيڪڙو پاڪستانين انڪار ڪري ڇڏيو آهي.اهو انڪشاف ريسرچ ڪمپني آءِ پي ايس او ايس جي نئين سروي ۾ ٿيو آهي. سروي ۾ پاڪستان کي دنيا جي ان ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو آهي جتي ويڪسين لڳرائڻ جي باري ۾ عوام وڌيڪ پرجوش ناهي.سروي موجب ڪورونا ويڪسين نه لڳرائڻ جي سببن ۾ سڀني کان وڌيڪ يعني 23 سيڪڙو پاڪستانين ويڪسين جي نقصان ڏيندڙ اثرن جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. جڏهن ته 21 سيڪڙو خاص طور تي هر طرح جي ويڪسين جي خلاف ٿيڻ جو چيو آهي.ياد رهي ته پاڪستان ۾ ٻئين مرحلي ۾ پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔