ايمن خان پاران ماورا حسين ۽ صبور علي کي وزن وڌائڻ جو مشورو

سوشل ميڊيا اسٽار ۽ اداڪاره ايمن خان ماورا حسين ۽ صبور علي خان کي وزن وڌائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.نجي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ اداڪاره منال خان پنهنجي مڙس ۽ اداڪار منيب بٽ سان گڏ شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ ڪافي سيڪمنٽس هئا پر هڪ حصو پروگرام جو اهڙو هو جنهن ۾ ڪجهه ساٿي اداڪارن جون تصويرون شيئر ڪيون ويون ۽ منيب بٽ ۽ منال خان کي چيو ويو ته هو هن ساٿي فنڪارن کي ڪهڙو مشورو ڏيندا.جيئن ئي ماوا حسين جي تصوير شيئر ڪئي وئي ته منادل خان چيو ته ماوارا کي ٿورو وزن وڌائڻ گهرجي. ڇو ته هو تمام گهڻي سنهي آهي ۽ اهوئي مشورو اداڪاره پنهنجي دوست صبور کي به ڏنو پر منيب بٽ صبور علي کي شادي ڪرڻ جو به مشورو ڏنو. جڏهن ٻنهي کي حراماني جي تصوير ڏيکاري وئي ته انهن مشورو ڏنو ته حرا ماني کي پنڪ ميڪ اپ ٿورو گهٽ استعمال ڪرڻ گهرجي.بالڪل اهڙي طرح جڏهن اقرا عزيز جي تصوير ڏيکاري وئي ته ايمن خان چيو اقرا بهترين اداڪاره آهي پر هو پنهنجي تصوير اسنٽاگرام تي گهٽ لڳائيندي آهي کيس وڌيڪ تصويرون لڳائڻ گهرجن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔