بابر اعظم جو ورلڊ رڪارڊ خطري ۾ پئجي ويو

لاهور: پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم جو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين 1000 رنسون مڪمل ڪرڻ جو رڪارڊ ٽٽڻ جي ويجهو پهچي ويو آهي.رپورٽ موجب قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي 26 اننگز ۾ 1000 رنسن جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو پر هاڻ اهو رڪارڊ خطري ۾ آهي ۽ ڊيوڊ ميلان وٽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين 1000 رنسون مڪمل ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي.انگلينڊ جي رانديگر ڊيوڊ ميلان ٽي ٽوئنٽي جي صرف 19 اننگز ۾ 855 رنسون اسڪور ڪري چڪو آهي ۽ جمعي تي شروع ٿيندڙ ڀارت جي خلاف سيريز ۾ وڌيڪ 145 رنسون ٺاهي بابر اعظم کي پوئتي ڇڏي سگهي ٿو.واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ويرات ڪوهلي کي هن رڪارڊ کان محروم ڪيو هو. هن 27 اننگز ۾ 1000 رنسون مڪمل ڪيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔