پابندي مڙهيل مواد نه هٽائڻ تي روس ٽوئٽر جي رفتار سست ڪري ڇڏي

ماسڪو: روس پابندي مڙهيل مواد ويب سائٽ تان نه هٽائڻ تي ٽوئٽر تي جزوي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.روسي سرڪاري ڪميونيڪيشن ريگوليٽر جو چوڻ آهي ته پابندي مڙهيل مواد ويب سائٽس تان نه هٽائڻ تي ٽوئٽر جو استعمال محدود ڪرڻ لاءِ ان جي رفتار گهٽ ڪري رهيا آهيون. پابندي مڙهيل ۽ غير قانوني مواد جي موجودگي تائين ٽوئٽر جي رفتار گهٽ رهندي.ٽوئٽر تي پابندي مڙهيل مواد تي ٻڌل 3 هزار کان وڌيڪ پوسٽون موجود آهن. ٽوئٽر پابندي مڙهيل مواد تي ٻڌل پوسٽون هٽائڻ ۾ ناڪام رهيو ته مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏينداسين.روسي صدارتي محل ڪريملن پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته روس سوشل ميڊيا تي پابندي نٿو چاهي پر سوشل ميڊيا جون ڪمپنيون به روسي قانون تي عمل ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔