پشاور هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ ايپ کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

پشاور: پشاور هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ ايپ بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اڄ کان ئي ٽڪ ٽاڪ ايپيليڪيشن بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس قيصر رشيد خان چيو ته ٽڪ ٽاڪ تي اپ لوڊ وڊيوز معاشري لاءِ قابل قبول نه آهن. ٽڪ ٽاڪ وڊيوز سبب معاشري ۾ فحاشي پکڙجي رهي آهي. چيف جسٽس ڊي جي پي ٽي اي کان پڇاڻو ڪيو ته ٽڪ ٽاڪ ايپ بند ڪرڻ سان اوهان کي نقصان ٿيندو؟ٽڪ ٽاڪ جي آفيس ڪٿي آهي جتان کان هي ڪنٽرول ٿيندو آهي؟ ڊي جي پي ٽي اي عدالت کي ٻڌايو ته ٽڪ ٽاڪ جو هيڊ آفيس سينگاپور ۾ آهي. دبئي کان ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي. ٽڪ ٽاڪ عهديدارن کي درخواست ڏني آهي پر بهتر جواب ناهي آيو.چيف جسٽس چيو ته ٽڪ ٽاڪ سبب سڀني کان وڌيڪ نوجوان متاثر ٿي رهيو آهي. عدالت چيو ته جيستائين عهديدار تعاون نه ڪندا ۽ اوهان جي درخواست تي عمل نه ڪندا ان وقت تائين ٽڪ ٽاڪ بند ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔