اسان جَي ميمبرز کي فون ڪالز آيون آهن ته صادق سنجراڻي کي ووٽ ڏيو: نون ليگ

اسلام آباد: اسان جَي ميمبرز کي فون ڪالز آيون آهن ته صادق سنجراڻي کي ووٽ ڏيو: نون ليگ جو سنگين الزام، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته، ڊي جِي آءِ ايس پي آر جَي بيان کانپوءِ اميد هئي ته سياست ۾ مداخلت ختم وئي، سينيٽ ۾ اپوزيشن وٽ واضح اڪثريت هئڻ باوجود هڪ ڀيرو ٻيهر سينيٽ چيئرمين جِي چونڊ کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، جيڪا ملڪ ۽ جمهوري عمل جِي بدنصيبي آهي، ووٽ تبديل ڪرڻ لاءِ ميمبرز کي آيل ڪالز جا ثبوت موجود آهن، ن ليگ سينيٽر عبدالڪريم دعويٰ ڪئي ته مونکي 3 ڀيرا فون ڪالز آيون ۽ چيو ويو ته مهرباني ڪري اسان جَي اميدوار کي ووٽ ڏيو، مُون انڪار ڪري ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔