سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران آدمشماري جي حتمي نتيجن بابت رپورٽ 31 مارچ تائين طلب

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن به قانون تي عمل جو پابند آهي،آدم شماري جا حتمي نتيجا جاري نه ٿيڻ سبب اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊون نه ڪرائي رهي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ آدم شماري جي حتمي نتيجن بابت رپورٽ 31 مارچ تائين طلب ڪري ورتي، اسسٽنٽ اٽارني جنرل طرفان آدم شماري جا نتيجا جلد جاري ڪرڻ جي خاطري، ٻڌڻي دوران سي سي آءِ اختيارين چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ سبب نه ٿي سگهيو، 24 مارچ تي سي سي آءِ جي اجلاس ۾ آدم شماري جي نتيجن تي فيصلو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔