آصف زرداري سڀاڻي يوسف رضا گيلاني ۽ غفور حيدري جي ڪاميابي لاءِ پُراميد

ڪراچي: اڳوڻو صدر آصف زرداري سڀاڻي يوسف رضا گيلاني ۽ غفور حيدري جي ڪاميابي لاءِ پُراميد، آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ فون تي رابطي دوران سڀاڻي ٿيندڙ چونڊن تي ڳالهيون، آصف زرداري چيو آهي ته سينيٽ ۾ پي ڊي ايم کي حڪومت تي برتري حاصل آهي، اسان جو هوم ورڪ مڪمل آهي، سڀاڻي سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن ۾ سمورن ميمبرز حمايت جي خاطري ڪرائي آهي، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت هارس ٽريڊنگ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پي ڊي ايم جي ميمبرز تي حڪومتي اُميدوار صادق سنجراڻي کي ووٽ ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، اسان جي ميمبرز کي ٽوڙيو ويو ته حقيقتون عوام آڏو آڻينداسين…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔