فيصل واوڊا جي خالي ڪيل سيٽ اين اي 249 ڪراچي تي چونڊ شيڊول جو اعلان

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا جي خالي ڪيل سيٽ تي چونڊ شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شيڊول موجب اين اي 249 تي ضمني چونڊ 29 اپريل تي ٿيندي. چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ 13 کان 17 مارچ تائين جمع ڪرايا ويندا. نامزدگي ڪاغذن جي پڙتال 25 مارچ تائين مڪمل ڪئي ويندي، اليڪشن ڪميشن 8 اپريل تي اميدوار کي چونڊ نشان الاٽ ڪندي. اليڪشن ڪميشن چونڊ لاءِ ڊسٽڪرٽ رٽرننگ آفيسر، رٽرننگ آفيسر ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر به مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔