آءِ جِي سنڌ عرفان جتوئي واري معاملي تي انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏِي

ڪراچي: شاگرد عرفان جتوئي کي مارڻ وارو مقابلو اصلي هو يا جعلي؟ آءِ جِي سنڌ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏِي، نوٽيفڪيشن جاري، ايڊيشنل آءِ جِي حيدرآباد جِي سربراهي ۾ جوڙيل 3 رڪني ڪميٽي ۾ ڊي آءِ جِي ذوالفقار لاڙڪ ۽ ايس ايس پي امجد شيخ به شامل، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن مقابلو جعلي هو ته جاچ ڪئي وڃي، اُن ۾ ڪير ڪير ملوث آهي، انڪوائري ڪميٽي کي 7 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم، انساني حقن وارِي وفاقي وزارت به نوٽيس ورتو، پارلياماني سيڪريٽري لال مالهي جو چيف سيڪريٽري سنڌ کي خط، مبينا مقابلي جِي جاچ لاءِ جَي آءِ ٽي يا عدالتي ڪميشن جوڙڻ جِي سفارش ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔