ڪراچي ۾ متحده لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلنگز ٽيم کي نئين سر جوڙڻ جو انڪشاف

ڪراچي: ڪراچي ۾ متحده لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلنگز ٽيم کي نئين سر جوڙڻ جو انڪشاف، متحده لنڊن جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪهڪشان حيدر ذريعي ٽارگيٽ ڪلرز جون نئين سر ٽيمون جوڙيون ويون، سي ٽي ڊي ۽ رينجرز اختيارين گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته ڪهڪشان حيدر امريڪا ۾ رهي ٿي، هُن امريڪا مان مختلف ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون، ٽارگيٽ ڪلنگ جي فهرست ۾ شامل ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، 4 آڪٽوبر تي گرفتار ٿيل ٽارگيٽ ڪلرز اعتراف ڪيو ته ڪهڪشان حيدر جي هدايت تي قتل ڪيا ويا، ڪهڪشان حيدر متحده لنڊن جي باني جي هدايتن تي ٽارگيٽ ڪلرز سان واٽس ايپ تي رابطو ڪري هدايتون ڏيندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔