خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ ڊاڪٽر فوت

پشاور: خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ٻيو ڊاڪٽر ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
پراونشل ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن موجب ڊي ايڇ ڪيو اسپتال چارسده جو ڊاڪٽر عزت خان ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هو ۽ لاڏاڻو ڪري ويو.
ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عزت خان ڊي ايڇ ڪيو اسپتال چارسده ۾ پرنسپل ميڊيڪل آفيسر هو ۽ هو ٻن هفتن کان حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ علاج هيٺ هو.
خيبرپختونخواهه صوبي ۾ ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪندڙن ڊاڪٽرن جوانگ 48 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔