سعودي حڪومت ڪورونا مريض سان ملڻ تي به هائوس آئسوليشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو

رياض: سعودي عرب جي حڪومت ڪورونا وائرس مان متاثر مريض سان ملندڙ کي به هائوس آئسوليشن ۾ رهڻ جا حڪم جاري ڪي ڇڏيا آهن. عرب ميڊيا موجب سعودي صحت واري وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر محمد العبدالعالي چيو آهي ته سعودي عرب ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي نه ٿيڻ تي وڌيڪ سخت انتظام ڪيا پيا وڃن.هن چيو ته هاڻ ڪورونا وائرس مان متاثر مريضن سان ملندڙ شخص کي به 10 ڏينهن تائين هائوس آئسوليشن ڪرڻ ضروري هوندو. ترجمان چيو ته ڪورونا وائرس جي مريض سان ملندڙ شخص جو به ڪورونا ٽيسٽ ورتو ويندو ۽ رزلٽ ناڪاري اچڻ جي باوجود هائوس آئسوليشن ڪرڻ ضروري هوندو. هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب ۾ اڃان تائين ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ گهٽتائي ناهي اچي رهي ۽ هي ڪنهن به وقت وڌيڪ خراب صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿي.ان لاءِ ان کي قابو ڪرڻ جي لاءِ جيترو وڌيڪ ايس او پيز تي عمل ڪيو ويندو اوترو ئي جلدي هن وبا کي منهن ڏيڻ آسان هوندو ۽ وائرس مان ڇوٽڪارو ملي سگهندو. ڊاڪٽر محمدالعبدالعالي چيو آهي ته ڪنهن کي به ڪورونا ويڪسين وٺڻ کان روڪيو نه ويو آهي ۽ سڀئي ماڻهو فوري طور تي وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائين جيڪا ڪيترين ئي بيمارين کان ڇوٽڪاري جو محفوظ رستو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔