ڪانگو ۾ جبل جي کوٽائي دوران سون نڪري آيو، مقامي ماڻهو مالا مال ٿي ويا

ڪانگو: آفريقي ملڪ ڪانگو ۾ جبل جي کوٽائي دوران سون نڪري آيو جنهن کي مقامي ماڻهن جمع ڪري ورتو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪانگو ۾ هڪ جبل جي کوٽائي دوران نڪرندڙ مٽي ۾ 60 کان 80 سيڪڙو سون جا ذرات موجود هئا جنهن کي ڏسي اتي ڪم ڪندڙ مزدور خوش ٿي ويا. جبل مان سون نڪرڻ جي خبر منٽن ۾ ڀرپاسي جي ڳوٺن تائين پکڙجي وئي جنهن کان پوءِ وڏي انگ ۾ مقامي ماڻهو جمع ٿيڻ پهچي ويا ۽ وڏي مقدار ۾ سون مليل مٽي پنهنجي گهر کڻي ويا. سون جمع ڪرڻ دوران مختلف ماڻهن ۽ خاندانن ۾ جهيڙو به ٿيو جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي اهلڪارن کي مداخلت ڪرڻي پئي. سوشل ميڊيا تي سون جمع ڪرڻ جي وڊيو شيئر ٿيندي ئي وائرل ٿي وئي جنهن ۾ مقامي ڳوٺاڻن کي سون جمع ڪرڻ لاءِ ڏسي سگهجي ٿو. سون نڪرڻ جي خبر تي ڪانگو حڪومت جبل جي کوٽائي روڪرائي ڇڏي آهي ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي اتي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.واضح رهي ته آفريقي ملڪ ڪانگو هيرن، سون ۽ قيمتي پٿرن سان مالا مال ملڪ آهي جتي جبلن مان به سون نڪرندو رهندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔