سنڌ ۾ ڪامورن جو مقرريون ۽ بدليون سيڪريٽري روشن شيخ جون خدمتون بلوچستان حوالي

ڪراچي: سنڌ حڪومت ۾ ڪامورن جو مقرريون بدليون ڪيون ويون آهن، وفاقي حڪومت جي روٽيشن پاليسي تحت سيڪريٽري روشن شيخ جون خدمتون بلوچستان صوبي جي حوالي ڪيون ويون آهن، جڏهن ته عبدالوحيد شيخ کي سندس جاءِ تي سيڪريٽري سوشل ويلفيئر مقرر ڪيو ويو آهي. عثمان غني صديقي کي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي. ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن عبدالوحيد شيخ کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي سيد اعجاز علي شاهه کي مقرر ڪيو ويو آهي. لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي سيڪريٽري آغا شاهنواز خان کي بدين جو دپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔