شاگرد عرفان جتوئي جي پوليس حراست دوران والد سان فون واري آڊيو ڪال وائرل

سکر: سکر پوليس جي جڙتو مقابلي کان اڳ حراست دوران شاگرد عرفان جتوئي جي والد سان فون تي رابطي واري آڊيو ڪال وائرل، آڊيو ڪال سکر پوليس جي جڙتو مقابلي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، وائرل ٿيل آڊيو ۾ عرفان جتوئي مبينا طور حيدرآباد پوليس جي حراست دوران والد سان رابطو ڪيو، عرفان جتوئي پنهنجي والد کي چيو ته پوليس مون کي آخري موقعو ڏنو آهي، گاڏيون واپس ڪريو، عرفان جتوئي پوليس آفيسر جي به والد سان ڳالهه ٻولهه ڪرائي، پوليس آفيسر شاگرد جي والد کي چيو ته عرفان جي ڀاءُ ساجد کي اسان جي حوالي ڪريو ۽ معاملو حل ڪري وٺو، پي ٽي آءِ طرفان به شاگرد عرفان جتوئي کي جڙتو مقابلي ۾ مارڻ واري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو، پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽسز عدالت کان مٿانهين قتل جو نوٽيس وٺڻ، سنڌ پوليس صوبي ۾ پنهنجي الڳ رياست قائم ڪري ورتي آهي، عرفان سمون به رائو انوار بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ طرفان ايس ايس پي سکر عرفان سمون سوڌو جڙتو مقابلي ۾ شامل سمورن اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو به مطالبو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔