سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ: وزيراعظم جون ڌڙا ڌڙ ملاقاتون

اسلام آباد: سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ کان اڳ وزيراعظم جون ڌڙا ڌڙ ملاقاتون، وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ سينيٽر بئريسٽر سيف جون ڌار ڌار ملاقاتون، سينيٽ چونڊن سوڌو موجوده صورتحال تي ڳالهيون، وزيراعظم سينيٽ چونڊن کانپوءِ چونڊ سڌارن جي عمل ۾ تيزي جو فيصلو ڪري ورتو، وزيراعظم طرفان چونڊ سڌارن بابت حڪومتي ڪميٽي جو هنگامي اجلاس طلب، ڪميٽي طرفان وزيراعظم کي چونڊ سڌارن بابت بريفنگ ڏني ويندي، ڪميٽي طرفان چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ، رٽرننگ آفيسرز، پرزائيڊنگ آفيسرز ۽ اليڪشن عملي جي ذميوارين جو به جائزو ورتو ويندو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔