والاريل ڪشمير ۾ پي آءِ اي جهاز جي لينڊنگ، ڀارتي پوليس جون ڊوڙون لڳي ويون

ڪراچي: والاريل ڪشمير ۾ پي آءِ اي جهاز جي لينڊنگ، ڀارتي پوليس جون ڊوڙون لڳرائي ڇڏيون، ڀارتي معاشري ۾ پاڪستان خلاف پروپيگنڊا ايتري قدر وڌي چڪو آهي ته جو جيڪڏهن پاڪستان مان ڪبوتر به اڏري سرحد پار ڪري وڃي ته ان کي ڀارتي ميڊيا جاسوس جي طور تي ڏيکاريندو آهي، پر هن ڀيري ڪبوتر نه پر هڪ اڏڻ کٽولو ڀارتي پوليس ۽ ميڊيا جي لاءِ خوف جي علامت بڻجي ويو، ڇو ته ان تي پي آءِ اي لکيل آهي، ڀارتي خابرو اداري طرفان سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽويٽ موجب گذريل ڏينهن والاريل ڪشمير جي ضلعي کٽوا جي هيرانگر سيڪٽر ۾ سوترا چڪ ڳوٺ ۾ هڪ جهاز جي شڪل ۾ ڦوڪڻو ڪريو جنهن تي (پي آءِ اي) لکيل هو، والاريل ڪشمير پوليس موجب جهاز نموني ڦوڪڻي کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي هن حوالي سان دلچسپ صورتحال ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن هن جو خوب مذاق به اڏائي رهيا آهن، ونود نالي هڪ ڀارتي صارف لکي ٿو ته ڇا اسان جي ريڊار تي هن ڦوڪڻي کي ڏٺو نه ويو هو، جيڪڏهن ڏٺو ويو ته پوءِ هن کي ماري ڇو نه ڪيرايو ويو ۽ هن کي زمين تي ڇو لهڻ ڏنو ويو، هڪ ٻئي صارف لکيو ته هن ڦوڪڻي کي ميوزم ۾ رکڻ گهرجي ۽ هن جو نالو“ پاڪستان ايوي ايشن ٽيڪنالوجي 2021 لکڻ گهرجي، مينال نالي هڪ صارف ٽويٽ ڪيو ته، فري پاڪستان بلون، او منهنجا خدا، مان ته ڊڄي وئي هئس، ڀارت صرف 21 انچ جي ڦوڪڻي مان ڊڄي ويو آهي، مودي کي فوري طور تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔