ڪراچي ۾ ڀولڙن کي قدرتي ماحول مهيا نه ڪرڻ تي وائيلڊ لائيف عملدارن کي نوٽيسز جاري

ڪراچي: ڪراچي ۾ گلشن اقبال جي فيملي پارڪ ۾ رکيل ڀولڙن کي قدرتي ماحول مهيا نه ڪرڻ تي وائيلڊ لائيف کاتي سوڌو ٻين اختيارين کي نوٽيسز جاري، سنڌ هاءِ ڪورٽ اختيارين کان 24 مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته فيملي پارڪ اندر ڀولڙن کي پکين جي پڃرن ۾قيد ڪيو ويو آهي، سندن مناسب سار سنڀال به نٿي ڪئي وڃي، ڀولڙن کي نه خوراڪ ڏني وڃي ٿي ۽ نه ئي وري پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪيو وڃي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔