ڀارت ۽ بنگلاديش کي ملائيندڙ پل جو افتتاح

نئين دهلي: وزيراعظم مودي ڀارت ۽ بنگلاديش کي ملائيندڙ پل جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
عالمي خابرو اداري موجب وزيراعظم نريندر مودي وڊيو ڪانفرنس ذريعي ڀارتي رياست تريپورا ۽ بنگلاديش وچ ۾ وهندڙ فيني درياءَ تي ٺاهيل پل”ميتري سيتو“ يعني دوستي جي پل جو افتتاح ڪيو.
ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ قائم ڪيل هيءَ پل 1.9 ڪلوميٽر ڊگهي آهي جيڪا ڀارتي ڳوٺ سبروم کي بنگلاديش جي ڳوٺ رام ڳڙهه سان ملائي ٿي، هيءَ پل اچ وڃ کانسواءِ واپاري مقصدن لاءِ به ٺاهي وئي آهي.
ان حوالي سان ڀارت جي پرڏيهي وزير پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پل جي اڏاوت سان رياست تريپورا اتر ڏکڻ ڀارت جو گيٽ وي ٿيڻ لاءِ تيار آهي جنهن کي سبروم کان صرف 80 ڪلوميٽر پري بنگلاديش جي چٽاگانگ جي بندرگاهه تائين پهچ حاصل ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔