ملڪي تاريخ ۾ ايترو بي خبر وزير اعظم اڄ تائين ناهي آيو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هيءَ ڪهڙي حڪومت آهي جنهن جي بيانن ۾ تضاد آهي، توهان پنهنجي ايم اين ايز جي باري ۾ پيسن جا ٿا چئو، اٽي، سبزين، کنڊ ۽ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن جي خبر ناهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ايترو بي خبر وزير اعظم اڄ تائين ناهي آيو. بيرسٽر مرتضيٰ وهاب سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ آئون سمورين عورتن کي ويمن ڊي جون واڌايون پيش ڪيان ٿو، عظيم عورتن جي اڻٿڪ محنت سان عظيم معاشري جو قيام جاري آهي، پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت عورتن جي ترقي لاءِ ڪوشان آهن. مرتضيٰ وهاب پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هي حڪومت چيو ٿي ته اسان پاڪستان جي معيشت کي پيرن تي بيهاريو آهي، ڇا معيشت جي بهتري سان مهانگائي ۾ 8.7 سيڪڙو واڌ ٿئي ها، دالين، گيهه، پيٽرول، ڪپڙا سڀ ڪجهه مهانگو آهي، خان صاحب کنڊ تي 80 رپين تي نوٽيس ورتو هاڻ ان جي قيمت 110 رپيا ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔