وفاقي ڪابينا اسٽيٽ بينڪ ترميمي بل 2021 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪابينا ترميمي بل 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته ڪابينا اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ترميمي بل 2021ع جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته ان جو بنيادي مقصد اسٽيٽ بينڪ کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ آهي، اسٽيٽ بينڪ سمورين بينڪن جي ريگيوليٽر آهي. هن چيو ته ان شئي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي حڪومت اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان کي وڌيڪ اختيار ڏئي ڇڏيا آهن ته هو آزاداڻي طور تي پنهنجا فيصلا ڪري. شبلي فراز چيو ته ماضي ۾ حڪومت نوٽ ڇاپيندي هئي پر اسٽيٽ بينڪ کان قرض ختم ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ماضي ۾ ان کي سياسي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو ۽ اسٽيٽ بينڪ ايتري آزاد نه هئي جيترو هن کي آزاد هئڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔