ڀارتي اداڪار رنبير ڪپور جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي وئي

ممبئي: بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور به ڪورونا جو شڪار ٿي ويو.
بالي ووڊ جي اڳوڻي اداڪاره ۽ رنبير ڪپور جي والده نيتو ڪپور انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪرائي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته رنبير ڪپور جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت آئي آهي.
نيتو ڪپور چيو ته رنبير پاڻ کي گهر ۾ ئي قرنطينه ڪيو آهي، هو دوائون به استعمال ڪري رهيو آهي ۽ احتياطي تدبيرون به اختيار ڪيون آهن.
نيتو ڪپور پنهنجي پوسٽ ۾ مداهن جي نيڪ تمنائن ۽ دعائن جو ٿورو مڃيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔