سعودي عرب ۾ آئل پلانٽ تي حوثي باغين جو راڪيٽ حملو

رياض: سعودي عرب جي آئل پلانٽ تي يمني حوثي باغين راڪيٽ سان حملو ڪري ڏنو.
عالمي خابرو اداري موجب سعودي عرب جي توانائي وزارت ملڪ جي اوڀر واري علائقي راس تنوره ۾ تيل جي ذخيرن مان هڪ تي راڪيٽ حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته راڪيٽ کي هوا ۾ ئي ناڪاره بڻايو ويو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هوا ۾ ناڪام بڻايل راڪيٽ جا ٽڪرا آئل پلانٽ تي ڪريا جنهن سان ڪو جاني نقصان نه ٿيو جڏهن ته تيل جي سپلاءِ جاري آهي.
ٻئي طرف يمني حوثي باغين ان حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو ته راڪيٽ حملي سان آئل پلانٽ جو پائيپ تباهه ٿي ويو جنهن سان تيل جو وڏو مقدار ضايع ٿي ويو ۽ پلانٽ مان تيل جي سپلاءِ به بند ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔