ڪراچي جي ندي نالن جي بهتري لاءِ 52 ارب روپيا منظور

اسلام آباد: سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي ڪراچي ۾ ندي نالن جي بهتري ۽ بحالي سميت 52 ارب روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي.

منصوبابندي جي وزارت جي بيان موجب سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ڊپٽي چيئرمين جهانزيب جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ 35 ارب 69 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ڪراچي ۾ ندي ۽ نالن جي بهتري ۽ بحالي لاءِ منظوري ڏئي ڇڏي.

ان کان علاوه ڪراچي جي جن نالن جي بهتري ۽ بحالي جي منظوري ڏني وئي ان ۾ محمود آباد جو گجر نالو، اورنگي نالي سميت لياري ۽ ملير جا نالا شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔