ترڪي جو هيليڪاپٽر ڪري تباهه، ليفيٽيننٽ سميت ڏهه فوجي فوت

ترڪي ۾ هڪ فوجي هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
ترڪي جي بچاءَ واري وزارت حادثي جي تصديق ڪندي چيو ته واقعي ۾ 9 فوجي موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ فوجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.
حادثو ترڪي جي صوبي بتليس جي شهر تاتوان جي علائقي ۾ ٿيوجڏهن ته هيلي ڪاپٽر جي ڪرڻ جا سبب معلوم نه ٿي سگهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔