اي سي پي سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت يقيني نه بڻائي سگهي، ڏک نه پر شرم جي ڳالهه آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان پنهنجي غير جانبداري ثابت ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، فواد چوڌري ۽ علي ظفر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. شبلي فراز چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ اسان جي ڪلچر کي پيسي جو ڪلچر ٺاهيو، ڪرپشن جو ۽ پيسي جو استعمال سڄي سوسائٽي تائين پکيڙيو ويو، هنن هن ملڪ جي اخلاقيات کي نقصان رسايو. ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن سميت سمورن ادارن جو احترام ڪيون ٿا، ادارا پنهنجي غير جانبداري پنهنجي قدمن مان ظاهر ڪندا آهن پريس ريليز سان نه، اليڪشن ڪميشن جي وزير اعظ۾ جي خلاف پريس ريليز سٺي نه لڳي، وزير اعظم جي بيان تي آئيني اداري طرفان پريس ريليز جقاري ڪرڻ غير مناسب آهي ۽ ان تي تنقيد ٿيندي، عمران خان هميشه چيو ته چونڊن ۾ ادارا غيرجانبدار رهن، عمران خان اِهو ئي ته چيو هو ته اليڪشن ڪميشن سينيٽ اليڪشن ۾ شفافيت يقيني نه بڻائي سگهي، اِها ڏک جي نه پر شرم جي ڳالهه آهي. سندس چوڻ هو ته اِهو تاثر وڃڻ به درست ناهي ته ريٽرننگ آفسر (آر او ) شهباز شريف جو بيهي استقبال ڪري ۽ سلام ڪري.، پر وزير اعظم اچي ته هن کي نظر انداز ڪري، ڪميشن جي آزادي ۽ جانبداري واضح طور آڏو اچڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن پريس ريليز ۾ چيو آهي ته ڌانڌلي جون شاهديون پيش ڪيو ته آڊيو ويڊيو شاهديون ته موجود آهن، سنڌ جي وزير ناصر شاهه جي آڊيو ۾ صاف ٻڌي سگهجي ٿو ته 12 ڪروڙ وٺي ڇڏيو، مريم جي تقرير آهي ته اسان جي ٽڪيٽ وڪي آهي، علي گيلاني جي وڊيو آئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔