ڊسڪا ۾ ٻيهر ننڍي چونڊ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد: اين اي 75 ڊسڪه جَي ننڍي چونڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ اُميدوار علي اسجد ملهي اليڪشن ڪميشن جَي فيصلي خلاف سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، درخواست ۾ نواز ليگ اُميدوار نوشين افتخار کي به ڌُر بڻايو ويو، پي ٽي آءِ اُميدوار سپريم ڪورٽ کي ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جِي استدعا ڪري ڇڏي، اين اي 75 ڊسڪه تي چونڊن جا نتيجا جلد جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ جِي به استدعا ڪئي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن اين اي 75 ڊسڪه تي بدنظمي سبب ننڍي چونڊ کي ڪالعدم قرار ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔