آمريڪي صدر پاڪستاني بزنس مين کي اهم عهدو ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي صدر جوبائيڊن استعمال بزنس ايڊمنسٽريٽر جي شعبي ۾ ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر جي عهدي لاءِ پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڪاروباري شخصيت دلاور سيد لاءِ چونڊ ڪري ڇڏيو.
عالمي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر جوبائيڊن اسمال بزنس ايڊمنسٽريشن جي اهم عهدي تي مقرر ڪرڻ لاءِ دلاور سيد کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستاني ڄائو دلاور سيد ڪيليفورنيا جي رهائشي ۽ آمريڪا جي مصنوعي ذهانت جي ٽيڪنالاجي ڪمپني (لومياٽا ٽيڪنالوجي“ جو صدر آهي.
ان موقعي تي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ فيس بڪ تي پنهنجي پوسٽ ۾ دلاور سيد لکيو ته صدر جوبائيڊن پاران کيس اهم عهدي لاءِ چونڊ ڪرڻ سندس لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔