مرد يا عورت ڪنهن جي به بيعزتي نٿي ڪري سگهجي

ڪراچي: ماڊل ۽ اداڪاره عائشه عمر اداڪاري سان گڏ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ واقعن جي حوالي سان به ڪافي سرگرم هوندي آهي.
گذريل سال سماجي ڪارڪن ماروي سرمد ۽ ليکڪ ۽ شاعر خليل الرحمان قمر وچ ۾ ٿيل تڪرار بابت عائشه عمر جو به موقف سامهون آيو هو جنهن ۾ هن خليل الرحمان قمر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.
تازو عائشه عمر کان ان باري سوال ڪيو ويو جنهن تي هن چيو ته ڇو نه توهان فيمينزم جي ڳالهه ڪندا هجو يا ڪنهن ٻئي جي آداب جو سليقو ۽ طريقي ڪار آهي جنهن جي پيروي ڪرڻ پوندي.
هن چيو ته توهان ڪنهن سان زيادتي نٿا ڪري سگهو، چاهي اهو شخص مرد هجي يا عورت توهان اهڙي نموني ڪنهن جي بيعزتي نٿا ڪري سگهو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔