سينيٽ چونڊن ۾ سنڌ مان پ پ 7 سيٽون ٻهاري وئي

ڪراچي: سينيٽ چونڊن ۾ سنڌ مان پ پ 7 سيٽون ٻهاري وئي آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ٽي آءِ سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، جي ڊي اي اميدوار صدر الدين شاهه راشدي هارائي ويو، جنرل سيٽ تي پ پ جي تاج حيدر،ڄام مهتاب ڏهر،سليم مانڊوي والا، شهادت اعواڻ ۽ شيري رحمان ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي فيصل واوڊا ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي فيصل سبزواري به جنرل سيٽ تي ميدان ماريو،عورتن جي سيٽ تي پ پ جي پلوشا خان ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي خالدا اطيب کٽي وئي، ٽيڪنوڪريٽ جي ٻن سيٽن تي پ پ جي اميدوار فاروق ايڇ نائيڪ ۽ پي ٽي آءِ جي سيف الله ابڙو ميدان ماري ويو، جي ڊي اي اميدوار پير صدر الدين شاهه راشدي هارائي ويو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔