سينيٽ چونڊن لاءِ ووٽ وجهڻ قومي اسيمبلي پهچڻ تي وزيراعظم جو استقبال

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سينيٽ اليڪشن ۾ پنهنجو ووٽ وجهڻ ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي پهتو ته حڪومتي ميمبرز هن جو شاندار استقبال ڪيو ۽ وزيراعظم جي حق ۾ نعريبازي ڪئي. ايوان ۾ پهچڻ تي ووٽ وجهڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جو نالو ورتو ويو، جنهن بعد هن ريٽرننگ آفيسر وٽ وڃي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سان حفيظ شيخ ۽ ٻين حڪومتي ميمبرن پڻ ملاقات به ڪئي، عمران خان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ مراد سعيد سان گڏ ايوان مان ٻاهر هليو ويو.وزيراعظم جي اسيمبلي آمد تي حڪومتي ميمبرن عمران خان جي حق ۾ نعريبازي ڪئي ته پ پ ميمبرز به نعريبازي شروع ڪئي، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر نعريبازي نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔