ايف پي ايس سي ۾ گهٽ اميدوار ڪامياب ٿيڻ سبب سنڌ جون 67 سيٽون خالي پيل

ڪراچي: ايف پي ايس سي اختيارين چيو آهي ته سي ايس ايس امتحانن ۾ سنڌ مان هڪ کان 2 سيڪڙو اميدوار ڪامياب ٿين ٿا، جنهن ڪري 2019ع کان سي ايس ايس امتحانن بعد صوبي جون 67 سيٽون خالي پيل آهن، ان ڏس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايف پي ايس سي چيئرمين ڪيپٽن (ر ) زاهد سعيد شرڪت ڪئي، جڏهن ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين طارق بنوري ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايف پي ايس سي جي چيئرمين بريفنگ ڏيندي چيو ته سي ايس ايس امتحان ۾ پوري ملڪ مان 2 کان 3 سيڪڙو اميدوار پاس ٿيندا آهن. 73ع جي آئين تحت هر صوبي کي پنهنجي ڪوٽا مليل آهي. سنڌ مان سي ايس ايس امتحانن ۾ وري هڪ کان 2 سيڪڙو اميدوار ڪامياب ٿيندا آهن. جنهن ڪري سنڌ جي ڪوٽا جون ڪافي جايون خالي پيل آهن. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته يونيورسٽيون پنهنجن شاگردن کي سي ايس ايس امتحان ڏيڻ لاءِ راضي ڪن، نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪرڻو آهي ته جيئن اهي وفاقي ڪامورا شاهي جو حصو بڻجن. گورنر چيو ته هر يونيورسٽي ۾ ايف پي ايس سي جو نمائندو يا ڊيسڪ هجڻ گھرجي. هن چيو ته ماڻهن کي سي ايس ايس جي طريقيڪار جي به خبر ناهي، اهڙو نظام ٺاهيو وڃي جيئن پوئتي پيل علائقن جي نوجوانن کي موقعو ملي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔