آئون اِن حق ۾ نه آهيان ته حڪومت ختم ٿي وڃي: خورشيد شاهه

اسلام آباد: آئون اِن حق ۾ نه آهيان ته حڪومت ختم ٿي وڃي، موجوده حڪمرانن اڍائي سالن ۾ عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون، ماڻهن کي نئين پاڪستان جو لفظ سمجهه ۾ اچي ويو آهي، پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه قومي اسيمبلي ۾ پهچڻ دوران چيو آهي ته پهرين مسئلا ٿيندا هئا ته پارليامينٽ سان رابطو ڪيو ويندو هو، هاڻي پارليامينٽ ۾ گارگند کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه اچي رهيو آهي، حڪومت پنهنجن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، حڪمرانن وٽ حقيقي مئنڊيٽ هجي ها ته عوامي مسئلن تي ڌيان ڏين ها.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔