فيصل واوڊا قومي اسيمبلي جي ميمبر شپ تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا قومي اسيمبلي جي ميمبر شپ تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ان جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو، فيصل واوڊا جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندس موڪل بطور قومي اسيمبلي ميمبراستعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نااهلي جي درخواست غير موثر ٿي وئي آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران فيصل واوڊا جي وڪيل ان جو قومي اسيمبلي جي ميمبر شپ تان ڏنل استعفيٰ به عدالت ۾ پيش ڪيو. واضح رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا جي خلاف اليڪشن ڪميشن ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻٽي شهريت جي مامري تي نااهلي جون درخواستون داخل ٿيل آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف فيصل واوڊا کي سينيٽ جو ٽڪيٽ به ڏنو جنهن تي هو سينيٽ اليڪشن وڙهي رهيو آهي اڄ ووٽ به ڪاسٽ ڪيو آهي. جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا کي نااهل قرار ڏيڻ وارن درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔