جنهن حڪومت کي اکيون بند ڪري سينيٽ چونڊون کٽڻ گهرجن، اُها پريشان آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد: جنهن حڪومت کي اکيون بند ڪري سينيٽ چونڊون کٽڻ گهرجن، اُها پنهنجي شڪست تي پريشان آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سينيٽ چونڊن کان هڪ رات اڳ اليڪشن ملتوي ۽ اُسان جي اُميدوار کي نااهل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پي ڊي ايم ڪامياب ٿي چڪي آهي، پنهنجي ميمبرز کان هڪ به ووٽ وڌيڪ مليو ته اُها ڪاميابي هوندي، اسان ڪٺ پُتلي حڪومت کي عوام آڏو وائکو ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جا پنهنجا ميمبرز ئي حڪومت سان ناراض آهن، انشاءَ الله حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔