سنڌ اسيمبلي جَي 11 سيٽن تي پولنگ مڪمل، ووٽن جي ڳڻپ جاري

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جَي 11 سيٽس تي پولنگ مڪمل، ووٽن جي ڳڻپ جاري، سڀني ايم پي ايز ووٽ ڪاسٽ ڪري ورتو: پي ٽي آءِ جا باغي ايم پي ايز شهريار شهر، اسلم ابڙو ۽ ڪريم بخش گبول ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي پهتا: شهريار شر ۽ اسلم ابڙو صوبائي وزير سهيل انور سيال جي گاڏي ۾ سنڌ اسيمبلي پهتا، پوليس جي بڪتر بند گاڏي خراب هئڻ سبب اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ اسپتال ۾ ڏيڍ ڪلاڪ تائين انتظار ڪندو رهيو، حليم عادل شيخ پوليس عملدارن سان ڳالهائڻ دوران چيو ته منهنجي گاڏي ٻاهران بيٺي آهي، اُن تي اسيمبلي نٿا وٺي هلو ته پوءِ گڏهه گاڏي يا رڪشا ئي ڪرائي وٺو، مونکي اسيمبلي پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻو آهي، پوليس کيس بڪتر بند گاڏي ذريعي اسيمبلي پهچايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔