سينيٽ چونڊن ۾ وڏو اپ سيٽ: اسلام آباد مان حفيظ شيخ کي يوسف رضا گيلاني هٿان شڪست

اسلام آباد: سينيٽ چونڊن ۾ وڏو اپ سيٽ سامهون آيو آهي، اسلام آباد مان پ پ اميدوار يوسف رضا گيلاني 5 ووٽن تان پي ٽي آءِ اميدوار ڊاڪٽر حفيظ شيخ کي هارائي ڇڏيو، جنرل سيٽ تي يوسف رضا گيلاني جو مقابلو پي ٽي آءِ جي حفيظ شيخ سان ٿيو، رٽرننگ آفيسر موجب پ پ اميدوار يوسف رضا گيلاني 169 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته حفيظ شيخ 164 ووٽ کڻي سگهيو، رٽرننگ آفيسر موجب 7 ووٽ رد ٿيا،اسلام آباد مان عورتن جي سيٽ تي پي ٽي آءِ اميدوار فوزيا ارشد 174 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل ن ليگ اميدوار فرزانه ڪوثر هارائي وئي، يوسف رضا گيلاني تي ڪاميابي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ٽوئيٽ ڪندي چيو ته جهموريت بهترين انتقام آهي.جڏهن ته ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پ پ ڪارڪنن پاران خوشي جو اظهار ڪيو ويو….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔