پيٽرول جي قيمت ۾ وڏي اضافي جو امڪان

اسلام آباد: آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي(اوگرا) پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڏي اضافي جي تجويز ڏني آهي.
ذريعن موجب اوگرا پيٽرول تي في ليٽر جي قيمت ۾ 20 رورپيا 7 پيسا اضافي جي تجويز ڏني آهي جنهن جي سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 19 روپيا 61 پيسا اضافي جي تجويز ڏني آهي.
ذريعن موجب قيمت جو تعين 30 روپيا في ليٽر ليوي جي بنياد تي ڪيو ويو آهي، في ليٽر پيٽرول تي موجوده ليوي 17 رپيا 97 پيسا جڏهن ته في ليٽر ڊيزل تي موجوده ليوي 18 روپيا 36 پيسا آهي.
معلوم ٿيو آهي ته پهرين مارچ کان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جو امڪان آهي جنهن جي حتمي منظوري وزيراعظم جي مشوري کانپوءِ ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔