آمريڪا پاڪ ڀارت لاڳاپن جي آجيان ڪري ڇڏي

واشنگٽن: آمريڪا پاڪ ڀارت لاڳاپاپن ۾ اڳڀرائي جي آجيان ڪئي.
وائٽ هائوس جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي جنگبندي ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ مثبت اڳڀرائي آهي.
جين ساکي جو چوڻ هو ته ڏکڻ ايشيا ۾ وسيع امن ۽ استحڪام اسان جي مفاد ۾ آهي.
وائٽ هائوس جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ٻنهي ملڪن جي حوصلا افزائي ٿا ڪيون ته ان سلسلي کي اڳتي وڌائن.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتان پلوامه کانپوءِ وڌي وئي هئي، ڀارت 26 فيبروري ۾ 2019 تي پلوامه واقعي جي آڙ ۾ بالاڪوٽ تي حملو ڪيو هو جڏهن ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو جواب 27 فيبروري تي ڏيندي ٻه ڀارتي هوائي جهاز ڪيرايا هئا ۽ ڀارتي ونگ ڪمانڊر اڀي نندن کي گرفتار ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔